ڪراچي/ لاهور(م ڊ) شيعه تنظيمن مجلس وحدت المسلمين ۽ شيعه علماءِ ڪائونسل پابندي کي رد ڪندي يومِ علي تي جلوس ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن چيو آهي ته مذهبي معاملن ۾ مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي. شيعه علماءِ ڪائونسل پنجاب جي صدرعلامه سطبين سبزواري چيو آهي ته جلوس ايس او پيز تحت ڪڍيا ويندا، ڪورونا جي نالي تي يومِ علي جي جلوسن تي پابندي قبول ناهي. هوڏانهن مجلس وحدت المسلمين به پابندي رد ڪري ڇڏي آهي. مجلس وحدت المسلمين جي سربراهه راجا ناصر عباس اڄ پريس ڪانفرنس ڪندو، ايم ڊبليو ايم جي جنرل سيڪريٽري احمد اقبال رضوي موجب عزاداري ۾ رڪاوٽ وجھڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت عزاداري کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪري ذميوار جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سينيٽائيزر ۽ ماسڪ ورهائيندا.