ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري

0
176

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن حوالي سان موسميات کاتي ڪراچي ۾ صبح سوير برساتن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن

موسميات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ برسات گلشن حديد ۽ قائد آباد ۾ 5 ملي ميٽر، جڏهن ته پي اي ايف مسرور بيس تي 4.0 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي

موسميات کاتي موجب ايئرپورٽ تي 3.4 ملي ميٽر، اولڊ سٽي ايريا ۾ 3.0 ملي ميٽر، پي اي ايف فيصل بيس تي 3.2 ملي ميٽر، يونيورسٽي روڊ تي 3.8 ملي ميٽر، نارٿ ڪراچي ۾ 3.2 ملي ميٽر، اورنگي ٽائون ۾ 3.2 ملي ميٽر جڏهن ته  سعدي ٽائون ۽ سرجاني ٽائون ۾ 4.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي

ان کان علاوه ڪياماڙي ۾ 4.0 ملي ميٽر ۽ جامعه الرشيد واري علائقي ۾ 2.6 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي

موسمياتي جو چوڻ آهي ته وقفي وقفي برسات سڀاڻي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، برسات سبب شهر ۾ سيءُ به وڌي ويو