ڪراچي: ايم ڪيو ايم لنڊن جو ”را“ جي تربيت يافته دهشتگرد گرفتار

0
203
ڪراچي: ايم ڪيو ايم لنڊن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڀارتي ايجنسي ”را“ جي تربيت يافته دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو

رينجرز ترجمان موجب لياقت آباد ۾ پوليس سان گڏيل ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن جي مطلوب دهشتگرد وسيم عرف باس عرف ٽنڊا کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار ڀتا خور ايم ڪيو ايم لنڊن ايف جي لياقت آباد سيڪٽر جو ڪارڪن رهيو آهي

ترجمان موجب جوابدار ۽ سندس ساٿين ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ کان ڌماڪيدار مادو تيار ڪرڻ، استعمال ڪرڻ ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ جي تربيت حاصل ڪئي هئي

ترجمان موجب وسيم ٽنڊا ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ٽيم کي هلائيندو رهيو آهي، جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ سميت دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهي

ترجمان موجب جوابدار نومبر 2013ع تائين ايم ڪيو ايم لنڊن ف جي ايم ڪيو ايم تي ڪيترائي واقعا ڪيا آهن، جڏهن ته جوابدار 2013ع جي آپريشن ۾ ملوث آهي، گرفتاري کان بچڻ لاءِ پرڏيهه فرار ٿي ويو هو

ٻئي طرف بلال چورنگي ڀرسان ڪورنگي فائربرگيڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي فائر برگيڊ ملازمن کي فائرنگ ڪري قتل ڪندڙ جوابدار صديق عرف بابا کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار شيخ بلال ظفر فاروقي جي ساٿي کي رينجرز اڳ ئي گرفتار ڪري چڪي آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ مقابلو، هڪ اهلڪار شهيد، واٽهڙو به مارجي ويو

ڇا گم ٿيل ماڻھن کي زمين کائي ويندي آھي جو بازياب ئي نه ٿا ٿين: سنڌ هاءِ ڪورٽ