ڪراچي: ايف آءِ اي جون ڪارروايون، 5 ڄڻا گرفتار

0
126
ڪوئيٽا ۾ حواله هنڊي ۾ ملوث

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آئي اي سائبر ڪرائيم ڪارروائي ڪري عورتن کي حراسان، بليڪ ميل ۽ فراڊ ڪرڻ جي الزام ۾ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ايف آئي اي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي مان جمشيد علي کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جوابدار جمشيد عورت کي حراسان ڪيو ۽ عورت خلاف سوشل ميڊيا تي اعتراض جوڳيون پوسٽون رکيون

ايف آئي اي جو چوڻ آهي ته جوابدار جنيد  کي به ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واٽس ايپ ذريعي حراسمينٽ، بليڪ ميلنگ جي الزام ھيٺ بدين مان مدثرکي گرفتار ڪيو آهي

ايف آئي اي جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي فوٽو ۽ ويڊيو رکي بليڪ ميلنگ ۽ حراسمينٽ جي الزام ھيٺ سکر مان افسر راجپوت کي گرفتار ڪيو ويو، اهڙي طرح مجموعي طور تي مختلف شھرن مان 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي