ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم کي منهن ڏيڻ لاءِ ايس ايس يو اهلڪار مقرر

0
162
ڪراچي: پوليس مقابلو

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپيشل سڪيورٽي يونٽ جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن

ڊي آءِ جي ايس ايس يو مقصود ميمڻ چيو ته وڏي وزير جي حڪم تي شهر ۾ ايس ايس يو کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ايس ايس يو جا اهلڪار اسٽريٽ ڪرائم جي هاٽ اسپاٽ تي گشت ڪري رهيا آهن

ڊي آءِ جي موجب ايس ايس يو اهلڪار هاٽ اسپاٽ تي اسنيپ چيڪنگ پڻ ڪري رهيا آهن جڏهن ته مددگار ون فائيو کي به متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ ان کي  مک شاهراهن تي رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

مقصود ميمڻ چيو ته ايس ايس يو جي نفري 20 گاڏين ۽ 15 موٽرسائيڪلن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ايس ايس يو ڪمانڊوز کي اسٽريٽ ڪرمنلز کي منهن ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي