ڪترينا ۽ وڪي ڪوشل جي شادي جون تياريون شروع، روڪا جي رسم ادا

0
222

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي جون تياريون شروع ٿي ويون، روڪا جي رسم ادا ڪئي وئي. ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل شادي جون تياريون روڪا جي رسم ادا ڪرڻ شان شروع ڪري ڇڏيون آهن

جوڙي جي رسم ميڊيا کان ڳجهي رکڻ لاءِ ڀارتي فلم ساز ڪبيرخان جي گهر ڏياري جي موقعي تي ادا ڪئي وئي، روڪا جي رسم ۾ جوڙي جي گهروارن سميت ويجهن رشتيدارن ۽ دوستن پڻ شرڪت ڪئي، ان رسم ۾ مڱڻي ۽ شادي جي انتظامن سميت مهمانن جي دعوت ڏيڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته ڪترينا ۽ وڪي هلندڙ سال ڊسمبر مهيني ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻنڌجي ويندا.