ڪتابن کي ٽيپ ڏيڻ کان بچايو

0
148
ڪتابن کي ٽيپ ڏيڻ کان بچايو

                 منھنجي هڪ اديب دوست فون ڪري مون سان ڏک جو اظهار ڪيو. “سائين ڪالهه مونکي ڏاڍو ڏک رسيو”. هن چيو.“ڇو خير ۾! مون کان ڪا غلطي ٿي وئي؟” مون پڇيو مانس.

“نه سائين. ڪالهه آئون ريگل چوڪ تي ويس اتي توهان جو ڪتاب ڏسي مون کي صدمو رسيو.”

“ڇا مطلب؟ مون سمجهيو نه.” مون پڇيو مانس. آئون منجهي پيس، ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي. منھنجي زور ڀرڻ تي هن ٻڌايو ته هو هر آچر تي ڪراچيءَ جي ريگل چوڪ تي ويندو آهي، جتي دڪاندار فٽ پاٿ تي ڪتاب رکي سستي اگهه ۾ وڪڻندا آهن. “انهن ۾ هڪ ڪتاب توهان جو به هو، جيڪو توهان پنهنجي ڪنهن دوست کي گفٽ ڪري ڏنو هو، جيڪو هن ردي واري کي ڏئي ڇڏيو هوندو.”  هن ٻڌايو. مون کان کِل نڪري وئي.

“سائين توهان ان افسوس ناڪ ڳالهه تي کِلو ٿا. ڪيڏي شرمناڪ ڳالهه آهي جو توهان ڪنھن کي ڪو تحفو ڏيو ۽ هو سانڍي رکڻ بدران گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي”.

                 ان قسم جي ڳالهه ٻن ٽن ٻين پڙهندڙن به ٻڌائي هئي. هڪ همراهه ته فٽ پاٿ تان ورتل منھنجو ڪتاب ۽ ان جي پھرين صفحي تي منهنجي هٿ اکري ۾ لکيل انھن سٽن جو به فوٽو موڪليو جنھن ۾ منھنجي ان مھربان جو نالو لکيل هو جنھن کي مون اهو ڪتاب گفٽ ڪيو هو. هن کي گذاري وئي سال ٻه ٿي ويا هئا، سو ظاهر آهي هن جي اولاد، جنهن کي ٿي سگهي ٿو ڪتابن سان شوق نه هجي يا ٿي سگهي ٿو هنن کي پڙهڻ جو شوق هجي به ۽ هنن پنھنجي پسند جا ٻه چار ڪتاب رکي ٻيا نيڪال ڪري ڇڏيا هجن. هنن ڊائريڪٽ ڪنھن ردي واري کي پراڻين اخبارن ۽ گهر جي ٻئي بيڪار سامان سان گڏ وڪيا هجن يا گهر ۾ ڪم ڪندڙ ماسيءَ کي ڏئي ڇڏيا هجن، جيئن ڪٻٽن ۾ ٻئي سامان رکڻ جي جاءِ ٿئي ۽ ٻھاري پوچي واري هن مائيءَ ڪنھن ردي واري کي تور ۾ وڪيا هجن. مون اها ڳالهه پنھنجي هن اديب دوست کي ٻڌائي منھنجي خيال ۾ اهو اسان جو دلپسند جرنلسٽ نياز پنھور هو.

“ڪمال آهي!” نياز پنھور تعجب مان چيو هو ۽ هينئر هي سٽون پڙهي منھنجا ڪيترا پڙهندڙ نياز سان سھمت هجن ۽ نياز وانگر مون سان يا منھنجين لکڻين سان پيار هجڻ ڪري هنن کي ان واقعي تي ڏک ٿيندو هجي، پر منھجي مختلف سوچ آهي.آئون انکي ڏک جهڙي نه پر بھتر ڳالهه ٿو سمجهان. چڱو جو منھنجي دوست مھربان جي وفات بعد هن جي اولاد ٻين بيڪار شين سان گڏ منھنجي ڪتابن کي به نيڪال ڪري ڇڏيو ۽ نياز پنھور جھڙي مطالعي جي شوقين کي انهن مان هڪ ڪتاب ملي ويو.

آئون پاڻ به ان قسم جي سيڪنڊ هئنڊ ڪتابن جو ريگيولر گراهڪ آهيان ۽ مون ورلي ڪو ڪتاب نئين حالت ۾ ورتو هجي. هميشه اهڙن فوٽ پاٿن تان ڪتاب وٺندو آهيان ۽ ڪيترائي قيمتي، اڻلڀ ۽ منھنجي دلپسند ليکڪن جا ڪتاب مونکي فٽ پاٿن ۽ ڪٻاڙين جي دڪانن تان ملي ويندا آهن، جيڪي نون ڪتابن جي دڪانن تي ڳري قيمت هجڻ ڪري آئون شايد ڪو خريد ڪري سگهان. فٽ پاٿ تان ورتل هنن جهونن پراڻن ڪتابن مان ڪجهه تي انهن جي مالڪن جا نالا به لکيل هوندا آهن ۽ آئون دل ئي دل ۾ انھن کي سلام ڪندو آهيان ته هنن اهي ڪتاب سانڍي رکڻ بدران اڇلي ڇڏيا ۽ ڦرندا گرندا هنن ردي وارن وٽ پھچي ويا ۽ اسان جھڙن ماڻھن کي مطالعي لاءِ ملي ويا.

پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته آئون اڄ به انھن ڦٽا ڪيل / خارج ڪتابن کي خريد ڪرڻ لاءِ انھن فوٽ پاٿن تي پھچيو وڃان، جيتوڻيڪ وڏي عمر ۽ لکڻ پڙهڻ جي شوق ڪري مون ٻاهر نڪرڻ يا ملڻ جلڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. دوست يار چوندا آهن ته فريئر هال، کوڙي گارڊن ۽ ريگل چوڪ ۾ ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ ته نڪرو ٿا ته چوندو آهيان ته “ها، جيئن موالي گتي تي پھچي ويندو آهي، تيئن مون کي ڪتابن لاءِ ڪشش ٿئي ٿي ۽ شايد گهڻي بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ کي کٽ تي به کڻائي وڃان.” مون ڏٺو آهي ته مون جھڙا موالي ٻيا به گهڻا آهن. هاڻ ڪراچيءَ جي علائقي“کوڙي گارڊن” ۾ ڪتابن جو وڪرو بند ٿي ويو آهي نه ته ڪنھن زماني ۾ منھنجيون امر جليل ۽ مرحوم تاج صحرائيءَ سان ملاقاتون اتي ٿينديون هيون. تاج صحرائي صاحب جن آخري ڏينھن ۾ڪافي ڪمزور ٿي ويا، پر فوٽ پاٿ تان ڪتاب خريد ڪرڻ ايندا هئا. فريئر هال ۾ پراڻن ڪتابن جي مارڪيٽ ۾ اسلام آباد جي يوسف ميمڻ صاحب ۽ قاضي فضل الله سان ملاقاتون عام ٿيون. ريگل چوڪ تي نه فقط ڪراچي جي اديبن سان پر سنڌ جي ڏورانھن ڳوٺن کان ڪَھي ايندڙ اديبن سان ملاقاتون ٿينديون هيون.

فوٽ پاٿ تي وڪامڻ وارن ڪتابن ۾ نه فقط مون کي پنھنجي مطالعي لاءِ پنھنجي دلپسند ڪتابن جي ڳولا هوندي آهي پر پنھنجن ڪتابن جي به. پوءِ ڪڏهن ته مون کي پنھنجا ٻه ٽي ڪتاب ملي ويندا آهن، ڪڏهن ته هڪ به نه ۽ آئون دل ئي دل ۾ چوندو آهيان ته سئو کان مٿي ڪتابن مان هن ڀيري ڪنھن هڪ به منهنجو ڪو ڪتاب ردي وارن حوالي نه ڪيو آهي. اڙدو جي امت اخبارجڏهن اخبار جھان ۽ اخبار خواتين جھڙو هفتيوار مئگزين “غازي” ڪڍيو ۽ مون کي لکڻ لاءِ چيو ته آئون ان ۾ هر هفتي باقاعدگيءَ سان مضمون ڏيندو رهيس. هڪ دفعي ان جي ايڊيٽر ان لاءِ مھرباني چئي ته آئون هر هفتي مضمون ڏيندو رهان ٿو. مون کيس ٻڌايو ته اهو ان ڪري جو ڪتابن جي ردي مارڪيٽ ۾ ڪو به غازي رسالو ڏسان ته ان کي کولي پنھنجي مضمون هجڻ جي ڳولا نه ڪريان ۽ هر رسالو خريد ڪندو وڃان، اهو سوچي ته هر رسالي ۾ منھنجو مضمون هوندو.

پنھنجا ڪتاب رديءَ جي مارڪيٽ مان خريد ڪرڻ جو سبب؟

ان جو اهو سبب آهي ته هتان هر ڪتاب سستو ملي ٿو ۽ آئون پنھنجا ڪتاب خريد ڪري دوستن کي ڏئي سگهان ٿو. در اصل شروع کان منھنجو پنھنجي ڪتابن جي سلسلي ۾ پبلشرن سان واسطو نه رهيو آهي. ڪو به پبلشر منھنجو ڪتاب ڇپي سگهي ٿو. منھنجي هن کان ڪنهن به قسم جي گُهر نه رهي آهي نه ڪتابن جي، نه پئسن جي. ڪنھن دڪان تي پنھنجا نوان ڪتاب ڏسي بجيٽ مطابق ٻه چار خريد ڪري، پنھنجي پڙهڻ لاءِ به رکندو آهيان ته دوستن کي به ڏيندو آهيان. ايئن ناهي ته پبلشر مون کي ڪتاب ڏيڻ نٿوچاهي. اڄ ڪلهه ته پبلشر لاءِ ڪتابن جو نيڪال ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي پر شروع وارن سالن ۾ يعني گذريل صديءَ جي آخر تائين هر عمر جي ماڻھوءَ وڏي شوق سان ڪتاب پڙهيا ٿي ۽ منھنجا ڪتاب ڇپڻ وارا مونکي سؤسؤ ڪتاب ڏيڻ لاءِ به تيار هوندا هئا،

پر مون شروع کان هڪ ڪاپي وٺڻ جي به پاڻ ۾ عادت نه وڌي، ڇو جو پبلشر ليکڪ کي مفت ۾ ڪتاب ته ڏئي ٿو پر انھن جو خرچ ڪتاب جي قيمت وڌائي پورو ڪري ٿو يعني اهو بار پڙهندڙ تي پوي ٿو. هونئن به ڪتاب ڇپڻ يا ڇپائڻ وارن کي ان ڪم ۾ فائدو ته ڇا، لڳايل سيڙپ به نٿي ملي، ڇو جو پنو ۽ ڇپائي هڪ طرف مھانگي ٿي وئي آهي ته دڪاندارن جي ڪميشن ٻئي طرف وڌي وئي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دڪاندارن جا به مسئلا آهن. دڪانن جي مسواڙ وڏي ٿي وئي آهي. بجلي جو خرچ ۽ ڪم تي رکيل ماڻھن جا پگهار ٻئي طرف وڌي ويا آهن.

بھرحال اڄ ڪلهه آئون پاڪستان ۾ آهيان. پنھنجي ڪتاب ڇپجڻ جو ٻڌي ڪجھه ڪاپيون ڊائريڪٽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته مون کي تقريبن اڌ قيمت تي ملي ويندا آهن، پر فٽ پاٿ تي سيڪنڊ  هئنڊ مارڪيٽ مان ته چوٿو قيمت تي مليو وڃن.

آئون ان حق ۾ آهيان ته ڪتاب پڙهڻ بعد ٻئي کي ڏئي ڇڏجي، پاڻ وٽ ان کي ٽيپ نه ڏجي. ماڻھو مون کان منھنجي لئبريري جو پڇندا آهن. آئون چوندو آهيان ته مون وٽ پنھنجن ڪتابن جو ئي سيٽ ناهي. آئون پنھنجن دوستن کي به پاڻ وٽ ڪتاب جمع ڪري رکڻ کان منع ڪندو آهيان ڇو جو ان ريت ان مان فيض فقط اهو هڪ ماڻھو ئي ٿو وٺي يا اڏوهي. گهر جي ذاتي لئبريري ۾ڪتاب رکڻ بدران ڪنھن پبلڪ لئبريري يا ڪاليج يا اسڪول جي لئبريريءَ حوالي ڪري ڇڏجن ته جيئن گهڻي کان گهڻا ٻار پڙهن ۽ ان مان فيض حاصل ڪن. سو منھنجو گفٽ ڪيل ڪتاب ڪو رکڻ بدران ٻئي کي ڏئي ٿو ڇڏي ته مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

مون وٽ به شروع جي ڏينھن ۾ لئبريري هئي پر پوءِ 50 سال کن اڳ مون اهي ڪتابن سان ڀريل سڀ ڪٻٽ سگا جي صلاح سان پروفيسر سليم ميمڻ جي معرفت ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول حوالي ڪري ڇڏيا. ان بعد اڄ تائين جيڪو به ڪتاب ملندو اٿم يا خريد ڪندو آهيان ته پڙهڻ بعد هالا جي گرلس ڪاليج لئبريري ڏي موڪلي ڇڏيندو آهيان، جيئن اهو ڪتاب ٻيا به پڙهندا رهن. اهائي ڳالهه آئون پنھنجن دوست اديبن کي به سمجهائيندو آهيان ته توهان جو مونکي گفٽ ڪيل ڪتاب پڙهڻ بعد مون ڇو پاڻ وٽ رکڻ بدران هڪ اسڪول جي لئبريريءَ حوالي  ڪري ڇڏيو آهي!