ڪامريڊ مرڪ جان ڪيس: سيف جتوئي ضمانت لاءِ عدالت پهتو

0
226

حيدرآباد: عورت قومپرست اڳواڻ مُرڪ جان پيرزادو جو فليٽ مان لاش هٿ

حيدرآباد: ڪامريڊ مرڪ جان پيرزادو ڪيس ۾ سيف جتوئي ضمانت لاءِ عدالت پهتو آهي

سيف جتوئي گرفتاري کان اڳ واري  ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي،  ڌرين کي سڀاڻي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

جسقم ڪامريڊ مرڪ جان ڪيس  ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي 8 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

جسقم اڳواڻ موجب نسيم نگر پوليس مُرڪ  جان واقعي جي  ڪا به جاچ ناهي ڪئي، نه ئي ڪو جوابدار  گرفتار ٿيو آهي

جسقم موجب پوليس نااهلي ۽ جوابدار جي گرفتاري  لاءِ سڀاڻي اولڊ ڪيمپس کان پريس

ڪلب تائين احتجاج ڪيو ويندو

ديدار شام موجب جوابدار پاران عدالت ۾ ضمانت لاءِ  درخواست جمع ڪرائڻ بابت وڪيلن سان  صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن

15 نومبر تي جسقم ناري تحريڪ  اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان پيرزادو جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش فليٽ مان مليو هو