ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاران ايڪتا ڏهاڙي جون سنڌ واسين کي واڌايون ڏنيون ويون، آصف زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سنڌ امن، محبت ۽ رواداري جو خطو آهي، سنڌ جي سڃاڻپ مهمان نوازي آهي جيڪا سدائين برقرار رهندي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به سنڌ واسين کي ايڪتا جون واڌايون ڏيندي چيو ته سنڌ جا ماڻهو تاريخي طور پرامن، سهپ وارا ۽ محب وطن آهن، سنڌ جا ماڻهو آرٽ ۽ فطرت سان پيار ڪندڙ ماڻهو آهن.