ڪارونجهر بچايو، سنڌ جي سونهن بچايو: ننگرپارڪر ۾ احتجاج

0
204
ننگرپارڪر ۾ احتجاج
ڪارونجهر بچايو، سنڌ جي سونهن بچايو

ننگرپارڪر: ڪارونجهر جي ٻيهر ڪٽائي خلاف ٿر واسي رستن تي نڪري آيا، ننگرپارڪر ۾ مسڪين چوڪ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو

 احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻڻ چيو آهي ته هڪ پاسي ڪارونجهر جي سونهن تباهه ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي ڪارونجهر تي ڪٽائي سان مقامي ماڻهن جو روزگار متاثر ٿي رهيو آهي

اڳواڻن چيو ته عملدار ڪارونجهر جو پٿر ٽوڙيندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناهن، ڪارونجهر کي بچايو سنڌ جي سونهن کي بچائڻ برابر آهي

مظاهرين ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪري عدالتي حڪم تي عمل يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي