کورواھ (ڳالهه ٻولهه: ابراھيم مخدوم) سنڌ جي ٻين شهرن جيان بدين ۾ به هارڊ بال تي ڪرڪيٽ کيڏيندڙ نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي پر کين نظر انداز ڪيو پيو وڃي، اهڙي خيال جو اظهار کور واھ سان واسطو رکندڙ سپر اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي نوجوان رانديگر مزمل رئوف پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته بدين ضلعو ڪرڪيٽ جي حوالي سان تمام مشھور رھيو آھي، ھتي انٽرنيشنل ليول جا رانديگر کيڏڻ لاءِ اچن ٿا، هلندڙ سال به ٽنڊو باگو ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ انٽرنيشل رانديگر کيڏي ۽ راند ڏسي ويا آھن، ھن چيو ته مھنجا سئوٽ امجد، سھيل ۽ شھزاد به ضلعي ليول جي ٽيمن سان کيڏندا آھن. هن ٻڌايو ته مان2013 کان ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالھيار، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي مختلف شھرن ۾ ڪرڪيٽ کيڏي آهي. ھن وڌيڪ چيو ته رانديگرن کي گرائونڊ سميت ڪي به سھولتون نٿيون ملن، کورواھ ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي قبضو ٿيل آهي، جنهن سبب ڪرڪيٽ متاثر ٿي رهي آهي، نوٽيس ورتو وڃي.