ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي(سي اي اي) ڪمنٽيٽر رميز راجا کي ڏکڻ آفريڪا مان ڏيهه واپس اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ان حوالي سان حڪمنامو به جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا ڪورونا کان متاثر ڪيٽيگيري “سي“ ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي درخواست تي سي اي اي رميز راجا کي ڏيهه واپس اچڻ جي اجازت ڏني. رميز راجا پاڪ ڏکڻ آفريڪا ڪرڪيٽ سيريز لاءِ 26 مارچ تي ڏکڻ آفريڪا روانو ٿيو هو. سي اي اي رميز رجا کي ڏيهه واپسي تي ڪورونا وائرس جي ايس او پيز تي سخت سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي.


























