ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) کنڊ 150 رپيا في ڪلو تي پهچي رڪارڊ قائم ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ڪراچي  جي ريزڪي دڪانن تي کنڊ 150 کان 155 رپيا في ڪلو تي پهچي وئي، جڏهن ته هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 134 کان 140 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي هئي، هوڏانهن  حيدرآباد، ڪوئيٽا ، ملتان ۽ فيصل آباد جي بازارن ۾ پڻ کنڊ 150 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي هئي