ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام: ٻيهر 290 رپين تي پهتو: سون پڻ 6200 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي بازار ۾ سون 6200 رپيا واڌ سان 214800 مان 221000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 10 ڊالرن جي اضافي سان 1967 ڊالر في آئونس تي پهچي ويو، هوڏانهن چاندي 20 رپيا اضافي سان 2880 مان 2900 رپيا تولو ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾4 رپيا واڌ سان 286 مان 290 ۽ انٽر بينڪ ۾ 3.74 رپيا اضافي  سان 283 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ پوڻا 2 رپيا واڌ سان 369.5 مان 371.25 ۽ يورو وري 2 رپيا لاٿ سان 316.5 مان 314.5 رپين تي پهتا هئا