نشي ۾ هئس، ڀينرن تنگ ڪيو ته کين قتل ڪري ڇڏيو: ٽن ڀينرن جو قاتل ڀاءُ نڪتو

0
416
ٽن ڀينرن جو قاتل ڀاءُ نڪتو
نشي ۾ هئس، ڀينرن تنگ ڪيو ته کين قتل ڪري ڇڏيو: ٽن ڀينرن جو قاتل ڀاءُ نڪتو

اوٻاوڙو: پنجاب جي علائقي مظفر ڳڙهه سٽي ٿاڻي جي حد ٿرمل ڪالوني مان ٽن سڳن ڀينرن جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ اچڻ واري واقعي ۾ نئون رُخ سامهون آيو آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڀينرن کي قتل ڪندڙ ڪير ٻيو نه پر سندن ئي ڀاءُ آهي، جنهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي

پوليس موجب پڇا ڳاڇا دوران جوابدار شاهزيب ٽنهي ڀينرن کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي

پوليس موجب جوابدار شاهزيب بيان ڏنو آهي ته نشي ۾ هئس، ڀينرون تنگ ڪري رهيون هيون، ڪاوڙ ۾ اچي کين قتل ڪري لاش خالي پيل ڪوارٽر ۾ ڦٽا ڪيا

پنجاب پوليس پاران قاتل کي گرفتار ڪرڻ بعد لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي

هن کي به پڙهندا

پنجاب جي مظفر ڳڙهه واري علائقي مان 3معصوم ڀينرن جا ڳلو ڪپيل لاش هٿ