قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو في الحال فيصلو نه ٿي سگهيو

0
255
قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو في الحال فيصلو نه ٿي سگهيو
قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو في الحال فيصلو نه ٿي سگهيو

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جو اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿي سگهيو

هن چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جو فيصلو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ اتحادي پارٽين سان مشاورت بعد ڪيو ويندو

هن چيو ته قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جي فيصلي جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو

واضح رهي ته خبرون سامهون آيون هيون ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪيو هو

ذريعن جو چوڻ آهي ته 9 ۽ 10 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ تي به غور ڪيو ويو

ياد رهي ته قومي اسيمبلي جو مدو 12 آگسٽ جي اڌ رات تائين آهي، جيڪڏهن اسيمبلي مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ٽوڙي وئي ته نگران سيٽ اپ 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو پابند هوندو

وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب دوران آگسٽ 2023ع ۾ اسيمبلي ٽوڙي حڪومت نگران سيٽ اپ حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو