پشاور: حيات آباد ۾ ايف سي تي آپگهاتي حملو

0
289
پشاور: حيات آباد ۾ ايف سي تي آپگهاتي حملو
پشاور: حيات آباد ۾ ايف سي تي آپگهاتي حملو

پشاور جي علائقي حيات آباد فيز 6 ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪارن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي

ايس پي ڪينٽ وقاص رفيق آپگهاتي ڌماڪي جي تصديق ڪئي آهي ته فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي گاڏي ڀرسان آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏيون به تباهه ٿي ويون

پوليس موجب ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 6 سيڪيورٽي اهلڪار به شامل آهن، زخمين کي سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جو نشانو سڪيورٽي فورسز جا اهلڪار هئا، 2 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي