پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو

0
253

پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو

پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ذريعن موجب پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ جي قيادت وچ ۾ ملاقات دوران 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو

جڏهن ته اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ 9 کان 10 آگسٽ تائين جي تاريخن تي به غور ڪيو ويو، پيپلزپارٽي 8 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي، قانوني ماهرن به 8 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز ڏني

 قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته صدر قومي اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري جي منظوري نه ڏيندو ته اسيمبلي 48 ڪلاڪن اندر پاڻمرادو ٽٽي پوندي، قومي اسيمبلي جو مدو 12 آگسٽ جي رات 12 هين وڳي ختم ٿي رهيو آهي

 پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌ اسيمبلي 11 آگسٽ بدران 8 آگسٽ تي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب پيپلزپارٽي اسيمبلي ۽ ڪابينا ميمبرز جي الوداعي تقريب جون تياريون شروع ڪري ڏنيون

سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ کان 2 ڏينهن اڳ سنڌ ڪابينا جي الوداعي تقريب منعقد ڪئي ويندي، ڪابينا ميمبرز کي 6 آگسٽ کان اڳ ترقياتي رٿائن جا افتتاحي پروگرام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

پيپلزپارٽي قيادت پاران سنڌ اسيمبلي 11 آگسٽ بدران 8 آگسٽ تي ٽوڙڻ جو فيصلو