ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته پ پ جي ايندڙ حڪومت جي ملڪ مان توانائي جي بحران جو خاتمو پهرين ترجيح هوندي، توانائي بحران جي خاتمي بنا معاشي ترقي ممڪن ناهي، ملڪ ۾ معاشي ۽ توانائي بحران جي ذميوار عمران حڪومت آهي،  مقامي هوٽل ۾ “سولر ڪلين انرجي ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران حڪومت سنڌ جي توانائي منصوبن کي نظرانداز ڪيو، پ پ  جي سنڌ حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ پرڏيهي مالياتي ادارن جي تعاون سان توانائي جا منصوبا شروع ڪيا آهن، صوبي جي 233 بنيادي صحت يونٽن ۽ 37 وڏين اسپتالن کي سولر تي منتقل ڪيو ويو آهي،  سنڌ اسيمبلي ۽ ڪراچي سينٽرل جيل سميت 40 وڏين عمارتن کي سولر تي منتقل ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ 200000 گهر سولر ٿي رهيا آهن، ھن چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي، جتي متبادل توانائي تي سڀ کان وڌيڪ ڪم ٿيو آهي. سنڌ حڪومت بجلي جي پيداوار لاءِ بزنس ٽو بزنس  ايم اويو ز صحيح ڪياآهن، اسان اينگرو سان 400 ۽ امريلي اسٽيل سان 200 ميگاواٽ جو معاهدا ڪياآهن،  صوبائي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ سان گڏجي سولر منصوبن تي به ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته مهانگي بجلي ۽ لوڊشيڊنگ کي متبادل توانائي منصوبن ذريعي ئي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو،  هن چيو ته سنڌ نه رڳو معدنيات سان مالا مال صوبو آهي پر هتي بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، جن مان ڀرپور آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيندي چيو ته صوبي ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپ جا وسيع موقعا آهن، سيڙپڪارن سان صوبائي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو،  ھن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته سيڙپڪار ملڪ ۾ سولر ڪمپنيون قائم ڪرڻ بدران سولر سسٽم جون شيون درآمد ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. منهنجو سيڙپڪارن کي مشورو آهي ته سولر ڪمپنيون قائم ڪن، بعد ۾ توانائي واري وزير شمسي نمائش جو افتتاح ڪيو، هن مختلف ڪمپنين پاران لڳايل اسٽالن جو معائنو ڪيو