ڪراچي: عورتن جي ڀلائي  واري وزير شهلا رضا چيو آهي ته سنڌ حڪومت کدڙن فقيرن جي حقن لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي،  سرڪاري نوڪرين ۾ انهن لاءِ خاص ڪوٽا مخصوص ڪئي آهي، جڏهن ته مڪاني ادارن ۾ ڪائونسلر جي هڪ سيٽ  کدڙن فقيرن لاءِ رکي وئي آهي، مورت مارچ کي خطاب ڪندي  هنن چيو ته بين برادرين جيان کدڙن فقيرن کي پنهنجو ڏينهن ملهائڻ جو حق آهي، هن چيو ته  هڪ ڏينهن  معاشرو کدڙن فقيرن کي پنهنجو ڪندو.