ڪراچي:  پ پ ( ش ڀ ) جي باني چيئرمين شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو  جونيئر  چيو آهي ته منهنجو سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي،  انگريزن جي دور کان وٺي کدڙن فقيرن کي سندن حقن کان محروم رکيو ويو، آئون سندن جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهيان، فريئر هال ۾ مورت مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته سماج مان انسانيت ختم ٿي رهي آهي،  اڄ اسان ورهايل آهيون، هن چيو ته کدڙن فقيرن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي، جدوجهد جي صورت ۾ اڳتي وڌنداسين.

ڪراچي: ذوالفقار علي ڀٽو جونئر مورت مارچ ۾ جيئي ڀٽو جا نعرا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو. هن چيو ته عوام جيئي جا نعرا هڻو جيئي ڀٽو جا نعرا نه هڻو. نعرا هڻو ته جيئي عوام، سدا جيئي عوام. خواجا سرا جيئن. حق عوام جو آهي حق توهان جو آهي اسان جو حق نه آهي، اسان جي خاندان جو حق نه آهي. هن چيو ته توهان وارث آهيو، توهان سنڌ جا وارث آهيو، خواجا سرا سنڌ جا وارث آهن. مير مرتضيٰ جو وارث رڳو آئون آهيان پر سنڌ جا وارث توهان آهيو. توهان هنن کان حق وٺو جن اهي توهان کان کسيا آهن.