ڦوٽو گرافر گهوٽ جون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون

0
277
ڦوٽو گرافر گهوٽ جون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون
ڦوٽو گرافر گهوٽ جون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون

بڊاپيسٽ(دلچسپ نيوز) ڦوٽو گرافر گهوٽ جون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هنگري ۾ هڪ شادي جي تقريب دوارن گهوٽ سان انوکو واقعو پيش آيو،

عورت ڦوٽو گرافر گهوٽ پاران کاڌو کائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ڪاوڙجي پئي، ڪاوڙيل ڦوٽو گرافر گهوٽ اڳيان ئي شادي جون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون.

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته دوست پيسا بچائڻ لاءِ مون کي پنهنجي شادي ۾ تصويرون ڪڍڻ لاءِ گهرايو هو. ڦوٽوگرافر موجب مون صبح 11 وڳي کان شام 7 وڳي  تائين تصويرون ڪڍيون شام جو جڏهن ماني شروع ڪئي وئي ته دوست مونکي ماني کائڻ جي اجازت نه ڏني.

هن چيو ته شام تائين ڦوٽوگرافي ڪري ٿڪجي پيس ۽ سخت بک پڻ لڳي هئي انڪري ڪاوڙ ۾ تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون.