دنيا جو هلڪو ترين 5 جي سمارٽ فون متعارف

0
339
دنيا جو هلڪو ترين 5 جي سمارٽ فون متعارف
دنيا جو هلڪو ترين 5 جي سمارٽ فون متعارف

ٽوڪيو(دلچسپ نيوز)”شارپ“ دنيا جي انهن پهرين ڪمپنين مان هڪ آهي جنهن بيزل ليس سمارٽ فون متعارف ڪرايو هو.شارپ اڪيوس کي ڪيترائي سال اڳ اهڙي انوکي ڊزائين سان گڏ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن کان پوءِ  شيائومي پنهنجي پهرين مي مڪس سمارٽ فون لاءِ به استعمال ڪيو.

اها  جاپاني ڪمپني  اڪثر انوکي ٽيڪنالوجيز سان ليس سمارٽ فون پيش ڪندي آهي ۽ هاڻ هڪ اهڙو ئي نئون فون اڪيوس زيرو 6 جي شڪل ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.ان کي دنيا جو هلڪو ترين 5 سمارٽ فون قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان لاءِ بيٽري جي گنجائش تي ڪا به سوديبازي ناهي ڪئي وئي.

ان فون جو وزن 146 گرام آهي ۽ ان ۾ 4010 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي.هلڪي وزن باوجود فون ۾ 64 انچن جي او ايل اي ڊي ڊسپلي 240 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جڏهن ته اسڪرين جي تحفظ لاءِ ڪورننگ گوريلا گلاس وڪٽس کي استعمال ڪيو ويو آهي.فون جي اندر ڪوالڪوم سنيپ ڊراگون 750 جي پراسيسر موجود آهي جنهن سان گڏ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي

جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 8 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو ۽ ٽي او ايف ڪيمرا ڏنيون ويون آهن.سيلفي ۽ وڊيو ڪالز لاءِ فرنٽ تي 12.6 ميگا پڪسل ڪيمرا ڊيو ڊراپ نوچ ۾ لڪيل آهي.5 جي، ڊوئل بينڊ واءِ فاءِ، بلوٽوٿ 5.1 ۽ ڊوئل بينڊ جا اين ايس ايس ۽ شامل آهن.فنگر پرنٽ سينسر اسڪرين جي اندر لڳل آهي جڏهن ته واٽر ۽ ڊسٽ ريزيزٽنس خاصيتون به ان فون جو حصو آهن.ڪمپني طرفان فون جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر اها فون ايندڙ مهيني کان پري آرڊر ۾ دستياب هوندي.