ڏهرڪي (ن پ ا ) مٺياڻي جي نوجوان عبدالقدوس ملڪ ۽ اسلام آباد جي ناري سارا ٽي مهينا اڳ پسند پرڻو ڪرڻ بعد دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ڏهرڪي ۾ صحافين وٽ پهچي جوڙي دانهيندي چيو ته اسان ٽي مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪيو آھي پر هن وقت تائين در در جون ٺوڪرون کائيندا رهون ٿا، سارا ٻڌايو ته منهنجو بابا نعمت الله، چاچو عبدالله، ماما فاروق ۽ طالب اسان کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا ,منهنجي مڙس خلاف هنن اسلام آباد ۾ اغوا جو ڪوڙو ڪيس به داخل ڪرايو آھي اسان ٽن مهينن ۾ هڪ پل به سک سان ناهي گذاريو، در در جون ٺوڪرون پيا کائون پر اسان کي ڪٿان انصاف ناهي ملي سگهيو ؟ هن چيو ته اسان کي قتل ڪيو ويندو ,پريمي عبدالقدوس ٻڌايو نه صرف مون تي پر منهنجي گهروارن تي به ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن.