لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد گوليمار گهٽي واسي ڪوچ ڊرائيور پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏجي بااثرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حبدار علي شيخ پنهنجي ڌيئرن شائسته، پروين، پٽن علي جان، يوسف، پرويز شيخ ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته بااثر ڪيتري ئي عرصي کان منهنجي جڳهه تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته جوابدار گهر تي حملو ڪري گهرڀاتين تي تشدد ڪري هراسا ڪري رهيا آهن، شڪايتن باوجود پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب غيرمحوظ آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.