ڏهرڪي ويجهو عورت مبينا طور قتل

0
249

ڏهرڪي (رپورٽر) ڳوٺ جلال الدين جوڻيجو ۾ عورت مبينا طور گهر اندر قتل، وارثن پاران آپگهات ڄاڻايو ويو، مسمات الهڏني زال صدام جوڻيجو جو گولي لڳل لاش اسپتال آندو ويو، ڀاءُ عابد حسين جوڻيجو جي ڀاءُ موجب، ڀيڻ گهر اندر گهرو اڻبڻت تان خودڪشي ڪئي آھي، علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت جو مڙس صدام سان جهيڙو هلندڙ هو، ٿي سگهي ته ان کي قتل ڪيو ويو هجي، کينجهو ٿاڻي جي پوليس لاش کڻائي ڏهرڪي اسپتال پهتي، وارثن وڌيڪ موقف ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.