اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني پي ٽي آءِ لانگ مارچ بابت ڪيس ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته رستا ڌرڻي سان بند هجن يا ڪنٽينر سان، اهي کولرائڻ انتظاميا جو ڪم آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، پي آءِ ٽي جي لانگ مارچ، اڳواڻ زاهد اڪبر جي گرفتاري ۽ سب جيل ۾ رکڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف ڪمشنر طلبي باوجود پيش نه ٿيو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته رستا کولرائڻ انتظاميا جو ڪم آهي، پوليس جي فرياد تي ڪيس ٺهندا آهن ۽ هلندا رهندا آهن، حڪومت هلي ويندي آهي جڏهن ڪوئي غيرقانوني قدم کڻندو ته ڪارروائي ٿيندي، عدالت سوال ڪيو ته زاهد اڪبر کي ڇو گرفتار ڪيو ويو ۽ ڇو سب جيل ۾ رکيو ويو؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته انڊسٽريل ايريا جي ايس ايچ او رپورٽ ڏني جنهن ۾ چيو ويو ته ڄاڻايل شخص گهيرو ڪيو باهيون ڏنيون، جنهن تي جسٽس محسن اختر پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسلام آباد ۾ اهڙو ڪو واقعو ٿيو آهي؟  پراسيڪيورٽر ٻڌايو ته نه سر، اڃا اسلام آباد ۾ اهڙو واقعو نه ٿيو آهي. بعد ۾ عدالت زاهد اڪبر کي حبس بي جا ۾ رکڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو، فيصلي ۾ زاهد اڪبر جي گرفتاري ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.