ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان چائينز پيپلز ايسوسيئشن فار فرينڊشپ جي وفد سونگتيان جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته چين جي تعاون سان ٿر ۾ 1360 ميگاواٽ جو نئون ڪول پاور پراجيڪٽ ايندڙ سال کان شروع ڪنداسين، هوڏانهن ايئر وائس مارشل  سدرن ڪمانڊ آفيسر خالد محمود به وڏي وزير سان ملاقات ڪئي،