ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف ميجر (ر) خرم حميد روکهڙي کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو، خرم حميد نجي ٽي وي کي انٽرويو دوران ٻڌايو هو ته عمران خان جي چوڻ تي 3 ڀيرا ميجر جنرل فيصل نصير سان ملاقات ڪئي هئي، خرم حميد کي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، فواد چوڌري ۽ شهباز گِل چيو ته هي ڪير صاحب آهي، ڪڏهن نه ڏٺو نه وري هن کي ٻڌو آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران سڃاڻپ کانپوءِ ئي ميجر (ر) خرم حميد کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو، سندس تحريڪ انصاف جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي.