اسلام آباد (بيورو رپورٽ+ م ڊ) سينيئر جنرل کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو، ميرٽ ترجيح هوندي، وزيراعظم شهبازشريف ۽ نواز ليگ قائد نوازشريف جي لنڊن ۾ ملاقات دوران اصولي فيصلو، اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو، وزيراعظم چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري آئيني معاملو آهي، جيڪو آئين مطابق ئي حل ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف مصر جي دوري بعد 9 نومبر تي لنڊن جي نجي تي روانو ٿيو هو، وزيراعظم ٻن ڏينهن تائين نواز ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف سان ڪالهه چوٿون ڀيرو ملاقات ڪئي، ملاقات دوران نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز به موجود هئي، شهبازشريف نوازشريف ۽ مريم نواز سان 2 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذاريو، وزيراعظم شهبازشريف نوازشريف سان ملاقات دوران نئين آرمي چيف جي مقرري بابت تفصيلي مشاورت ڪئي، ملڪي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب نوازشريف ۽ شهبازشريف مشاورت مڪمل ٿيڻ بعد ملاقات دوران اهم فيصلا ڪيا آهن، فيصلو ڪيو ويو آهي ته سينيئر ترين جنرل کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو، ميرٽ کي ترجيح ڏني ويندي، حڪومت وٽ جيڪا لسٽ ايندي، ان ۾ جيڪو سڀ کان سينيئر جنرل هوندو ان کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو. ذريعن موجب نوازشريف ۽ شهبازشريف ملاقات ۾ طئي ڪيل فيصلن تي پي ڊي ايم قيادت کي به اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن بعد وزيراعظم شهبازشريف ڏيهه واپسي لاءِ روانو ٿي ويو، جيڪو وطن پهچي اتحادين کي لنڊن ۾ ٿيل فيصلن بابت اعتماد ۾ وٺندو. لنڊن کان پاڪستان روانگي وقت وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ جي ڳلن تي چمي ڏئي موڪلايو، جڏهن ته جواب ۾ ميان نواز شريف به اهڙو ئي اظهار ڪيو.هوڏانهن دفاع واري وزير خواجا آصف ميڊيا ۾ اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن ته نوازشريف ۽ شهبازشريف جي لنڊن ۾ ملاقات دوران آرمي چيف جي مقرري بابت فيصلو ٿيو آهي، هن ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو ته لنڊن ۾ ٿيل ملاقات ۾ آرمي چيف جي مقرري تي مشاورت ضرور ٿي آهي پر فيصلو آئيني عمل جي شروعات بعد مشاورت سان ٿيندو.