هالا: 14 مهينا اڳ قتل ٿيل ماستر زوار علي لغاري جي قتل جو ڪيس قتل ٿيل اڪبر، غلام حيدر لغاري سميت چئن جوابدارن تي داخل ٿيل هو، اطلاع آهن ته ماستر زوار علي لغاري جي پلاند ۾ ڪورٽ تان واپسي تي اڪبر ۽ غلام حيدر لغاري کي قتل ڪري پلاند ورتو ويو آهي، ياد رهي ته لغاري برادري ۾ ڄاڻايل تڪرار سورهن سالن کان هلندڙ آهي جيڪو سڱاوتي تان شروع ٿيو هو، اڄ تائين 8 جانيون ڳڙڪائي چڪو آهي.