سجاول (رپورٽر) سجاول لڳ برانچ موريءَ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت، 2 زخمي ٿي پيا. گذريل ڏينهن سجاول برانچ موري وٽ ٻن موٽرسائيڪلن جو آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي سيد پورجو رهواسي 25 سالن جو توفيق شاهه بخاري ۽ 30 سالن جو عمران ملاح موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته بابو عرف محبوب ڀٽ ۽ غلام حيدر شاهه زخمي ٿي پيا. اطلاع تي سجاول پوليس پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال سجاول منتقل ڪيو. زخمي غلام حيدر شاهه جي نازڪ حالت هجڻ سبب کيس ڪراچي موڪليو ويو آهي.