ڊپريشن بابت آگاهي

0
850
ڊپريشن بابت آگاهي

ڊپريشن هڪ نفسياتي بيماري آهي، جنهن ۾ ماڻهو اداس، مايوس، بيزار، يا دل لاهي وڃي ٿو، ايتري حد تائين جو ان جِي روزمره جي زندگي ۽ ويجها رشتا به متاثر ٿيڻ لڳن ٿا. صحت جي عالمي اداري مطابق سڄي دنيا ۾ اٽڪل 28 ڪروڙ ڊپريشن جا مريض آهن ۽ هر سال تقريبن 7 لک خودڪشين جي پويان بنيادي سبب ڊپريشن جو ھجڻ آهي. جيڪڏهن ڪنھن ماڻھو جو ننڍپڻ تڪليفده گذريو هجي يا هو ڪنھن جسماني يا ذھني تشدد جو شڪار رھيو هجي ته اھڙن ماڻهن ۾ ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻ جو خدشو عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي. ڊپريشن جي بيماري ڪنهن کي به ڪڏهن به ٿي سگھي ٿي. عمومي طور مرد پنهنجي ڊپريشن جو اظهار نه ڪري سگهندا آهن ۽ اُهي جوا، شراب نوشي يا وري نشي جي عادت ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. ڊپريشن ڪا دماغي ڪمزوري، حوصلن ۾ ڪمي يا ڪمزور ھجڻ جي ڪري نه آهي، بلڪه هڪ بيماري آهي.

جيئن شوگر، بلڊ پريشر، فالج بيماريون آهن، بلڪل اهڙي طرح ڊپريشن به هڪ بيماري آهي ۽ ٻين بيمارين وانگر هن جو به علاج موجود آهي. ڊپريشن جي مريض کي صرف ايئن چوڻ ته “اُداس نه ٿي”، “دل نه لاهه” يا “مرد ٿي” سان ڪو فائدو نه ٿيندو، بلڪه انهن جو صحيح عِلاج ڪرائڻ سان ئي فائدو ٿيندو. ياد رکو ڊپريشن جو مريض پاڻ هڪ اذيت ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن ان جي وس ۾ هجي ته هو ڪڏهن به ان ڪيفيت ۾ نه رهي.  ڏسجي ته اداسي، مايوسي ۽ بيزاري زندگي جو حصو آهن ۽ ھر ماڻھو جي زندگي ۾ اھڙو ڪو نه ڪو وقت ضرور ايندو آھي جنهن ۾ هو انهن ڪيفيتن (اُداسي، مايوسي ۽ بيزاري) مان گذرندو آهي پر هر اُداسي کي ڊپريشن نه سمجهجي. عام طور تي اھي علامتون (اُداسي، مايوسي ۽بيزاري) ڪجھه ڏينھن ياھڪ ٻن ھفتن ۾ٺيڪ ٿي وينديون آھن۽اڪثرانهن جي پويان ڪونه ڪو سڀڀ هوندو آهي ۽ ان کي نارمل ڪيفيت سمجهيو وڃي. پر اگر اھي ساڳيون علامتون ڪجھه هفتن يا مھينن لاءِ مسلسل هلندڙ ھجن، بغير ڪنهن سبب جي ڪري ھجن، يا ايتريون شديد ھجن جو اسان جي روزمره جي زندگي متاثر ٿئي ته پو اھو نارمل نه آهي، ان کي سنجيده وٺڻ گهرجي..

ڊپريشن جون علامتون:

ڊپريشن جي مريضن کي ڪجھه نفسياتي ۽ ڪجهھ جسماني علامات ٿينديون آهن.

نفسياتي علامتون::

١. اُداسي،  نه ختم ٿيندڙ اُداسي، جيڪا خاص ڪري صبح جي وقت يا خوشي جي موقعي (جهڙوڪ عيد، شادي) تي وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي.

2.ڪنھن به شئي ۾ مزو يا لطف محسوس نه ڪرڻ ، انهن شين ۾ به مزو نه ايندو، جنهن شين ۾ ماڻهو پهريون لطف اندوز ٿيندو هو.

٣. اڪيلو رھڻ ، دوستن، مٽ مائٽن سان ميل جول تي دل نه چاهيندي.

۴. ننڍي ننڍي شين ۾ فيصلي ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي.

٥. خود اعتمادي جو گھٽ ٿيڻ ، پاڻ کي ٻين کان گهٽ سمجهڻ يا نالائق سمجهڻ.

۶. ھر وقت ذهن ۾ منفي سوچن جو اچڻ ، ايتري قدر جو ماڻهو سوچيندو ته سڀ غلط شين جو اھو ئي ذميوار آهي.

۷. مستقبل کان مايوس ٿي وڃڻ.

۸. ننڍي ننڍي ڳالھه ته روئڻ اچي وڃڻ.

۹. خودڪشي جا خيال اچڻ يا وري خودڪشي جي ڪوشش ڪرڻ.

جسماني علامتون:

١.بيچيني ۽ بي سڪوني محسوس ڪرڻ. ٢. ٿڪاوٽ ،ماڻهو کي بغير ڪجھه ڪم ڪرڻ جي ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي.  ٣. ننڊ جو متاثر ٿيڻ ، ڪجھه ماڻھن کي بلڪل ننڊ نه ايندي، ڪجھه ماڻهو وري سڄو ڏينهن ستا پيا هوندا. ڪجھه ماڻھن کي اڌ رات جو يا صبح سويري جاڳ ٿي ويندي ۽ اُهي واپس پوءِ سمهي نه سگهندا.   ۴.جسماني سُور  ۵.کائڻ پيئڻ متاثر ٿيڻ،  ڪجهھ ماڻهن جي بک گهٽجي ويندي آهي ۽ کائڻ پيئڻ گھٽائي ڇڏيندا آهن، اُنھن جو وزن به گهٽجي ويندو آهي. ڪجھه ماڻهو ڊپريشن ۾ وري گهڻو کائيندا آهن ۽ انهن جو وزن وڌي ويندو آهي.  ۶. جنسي خواھشات جو گھٽ ٿيڻ ھاڻي اھو ضروري نه آهي ته هر ڊپريشن جي مريض کي اھي سڀ علامتون ھجن. اھو به ٿي سگهي ٿو ڪجهھ ماڻهن کي صرف نفسياتي علامتون ھجن يا ڪجهھ ماڻھن کي صرف جسماني علامتون ھجن. اھو به ياد رکو ته ڊپريشن جي مريض کي شروع ۾ احساس نه هوندو آهي ته هو ڊپريس يا پريشان آهي. عمومي طور ان جي دوستن ۽ مٽ مائٽن کي شروع ۾ احساس ٿيندو آهي ته ڪجھه صحيح نه آهي. اهو ئي وقت آهي ان کي ڊاڪٽر کي ڏيکارجي. جيڪڏهن ڪو توھان کي چوي ته خودڪشي تي دل ٿي چوي يا سوچيان ٿو خودڪشي ڪيان ته ان کي ڪڏهن به مذاق نه سمجهو.

اها تمام ضروري ڳالھه آهي. ان جي باري ۾ نشاندهي ڪري مريض جي گهروارن کي ٻڌايو ۽ ٿي سگهي ته ان کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي به ڏيکاريو ته جيئن وقت سر بيماري جي پڪ به ٿي ۽ عِلاج به شروع ٿي سگهي. توھان جي ڪري ڪنھن ماڻھو جي زندگي بچي سگهي ٿي.  ڊپريشن جو علاج: ڊپريشن جو علاج دوائن وسيلي به ٿيندو آهي ۽ ڳالهين وسيلي به ٿيندو آهي، جنهن کي سائڪوٿراپي چئبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻئي شيون گڏ هلائڻيون پونديون آهن. سائڪوٿراپي ڪرڻ لاءِ خاص تربيت يافته ٽرينر “سائيڪولاجسٽ” ھوندا آھن، جيڪي مريض سان حال احوال سان ئي ڊپريشن جو بنيادي سبب ڳولي لھندا آهن ۽ مريض کي اھو به سيکاريندا آهن ته ان بيماري کي حل ڪيئن ڪجي. عمومي طورسائڪوٿراپي جي ڪورس لاءِهڪ سائيڪولاجسٽ سان ھرھفتي گهٽ۾گهٽ ھڪ ڪلاڪ لاءِ ملڻو پوندو آھي ۽ اھو عمل ۳ کان ۶ مهينا ھلندو آھي. ڊپريشن جون دوائون تمام فائدي واريون آهن پر اُهي اثر ظاهر ڪرڻ کان پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ ۵- کان ۶ مهينن لاءِ استعمال ڪرڻيون پونديون آهن. انهن دوائن جو اثر ئي ۲ کان ۴ هفتن کان پوءِ اچڻ شروع ٿيندو آهي. ان لاءِ ڊپريشن جي دوا بغير ڊاڪٽر جي مشوري جي نه شروع ڪرڻ کپي ۽ نه ئي پنهنجي مرضي سان بند ڪرڻ کپي.  اڪثر ماڻھو اھو سمجھندا آھن ته شايد انھن کي ڊپريشن جي دوا سڄي عمر وٺڻي پوندي يا اُهي انهن دوائن جا نشي وانگر عادي ٿي ويندا ته مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهي ٻئي ڳالهيون غلط آهن. مريض جي بھتر ٿيڻ کان پوءِ دوائن کي هڪ خاص طريقي سان بند ڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهو پهريون وانگر پنهنجي نارمل زندگي گذاريندو آهي.