شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي گلوئي جي رھواسي عرفان الله پٽ نظر گل پٺاڻ پاران 2013ع ۾ قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جو ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ ٺھرايو ھيو 2013ع ۾ قمر رضا بلوچ قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ھيو انهيَ جي صحيح سان ڊوميسائل ۽ پي آرسي ٺھيل آهي جيڪو قمبر تعلقي جي باگوديرو محلي جو رھواسي ڄاڻائي ڊوميسائل جاري ڪيو ويو ھيو جنهن بعد عرفان الله پٺاڻ اسلام آباد ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي پوليس ۾ ڀرتي ٿي نوڪري ڪري رھيو آهي. عرفان الله پٺاڻ جو ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سياسي سماجي اڳواڻن حبدار ميرجت، ڪامريڊ حيات تنيو، منير بروھي، وشال پلياڻي، ڪامريڊ شعبان جمالي، ذوالفقار سيلرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪرپٽ ڪامورن ڌارين کي سنڌ جي مختلف ضلعن جا ڊوميسائل ٺھرائي سنڌ جي ڪوٽا تي اسلام آباد ۾ مختلف کاتن ۾ ڊيوٽيون ڪريسنڌي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙا ھڻي رھيا آهن ڊوميسائل رد ڪري نوڪري تان برطرف ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.