ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )ڪراچي ايئرپورٽ جي ڪارگو  واري علائقي ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي وجيلنس شعبي جي انچارج ثمينه مشتاق پاران بنا اسٽيڪر واري گاڏي کي پارڪنگ کان روڪڻ تان سول ايوي ايشن جي ملازم پاران  ڌمڪيون، معاملي کي مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ وجيلنس شعبي جي انچارج ثمينه مشتاق ۽ ملازم سليم وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي  آهي، ملازم سليم پاران سيڪيورٽي انچارج ثمينه مشتاق سان ٿيل جھيڙي دوران مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي عيسائي برادري سان تعلق رکندڙ خاتون سيڪيورٽي انچارج ثمينه مشتاق کيس چئي رهي آهي ته توهان مون کي ڪرسچن سمجهي توهين مذهب جي الزام ۾ ڦاسايو پيا ته ڦاسايو، توهان قانوني رستي سان نه آيا آهيو . اصل ۾ توهين مذهب ته توهان پيا ڪريو،   هوڏانهن سول ايوي ايشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته خاتون سيڪيورٽي انچارج کي ڌمڪيون ڏيندڙ ملازم سليم  کي بدلي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معاملي جي انڪوائري به ڪئي پئي وڃي ته بندش پيل علائقي ۾ پارڪنگ لاءِ آندل  گاڏي ڪنهن جي آهي؟ ترجمان جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي انچارج ثمينه مشتاق کان به انڪوائري ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري واقعي جو نوٽيس وٺي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو آهي ته خاتون سيڪيورٽي انچارج کي فرض سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ لاءِ توهين مذهب جو الزام لڳائڻ شرمناڪ عمل آهي، انهي معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته عورت آفيسر جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪجهه عنصر مذهب جي آڙ ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ چاهين ٿا، خاتون تي غلط الزام لڳائيندڙ ملازم کي سخت سزا ڏني وڃي.