جهلم (م ڊ) جهلم ۾ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. جهلم ۾ تيز رفتار ڊمپر بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪيترين ئي گاڏين تي چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنوار، گهوٽ، سندس ماءُ سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي به ٿيا. حادثي کانپوءِ ريسڪيو اختيارين پهچي فوتين جا مڙهه زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندن علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته 3 زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اختيارين موجب ڄڃ چڪوال کان کيوڙه واپس وڃي رهي هئي، حادثو ڊمپر جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو.