ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي پاران صحت ورڪرز کي مستقل رسڪ الائونس ڏيڻ جي خاطري، ڳالهيون ڪامياب، گرينڊ هيلٿ الائنس پاران احتجاج 5 نومبر تائين ملتوي، روزانو 2 ڪلاڪن تائين ٽوڪن هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڪالهه گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن اعجاز ڪليري، ڊاڪٽر محبوب نوناري، محمد خان شر ۽ ٻين پاران سيڪريٽري صحت سان ملاقات ڪئي وئي، ملاقات دوران سيڪريٽري صحت پاران گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن خاطري ڪرائي وئي ته گريڊ هڪ کان 16هين گريڊ جي ملازمن کي ماهوار 17 هزار ۽ گريڊ 17هين کان مٿي جي ملازمن کي ماهوار رسڪ الائونس جي مد ۾ 30 هزار  رپيا مستقل رسڪ الائونس ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي، ان حوالي سان گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻ اعجاز ڪليري “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته سيڪريٽري صحت اها به خاطري ڪرائي آهي ته نرسن  سميت ٻئي عملي جا پينڊنگ پيل معاملا 5 نومبر تائين اُڪلايا ويندا، هن چيو ته رسڪ الائونس جي مستقلي لاءِ صحت کاتي پاران سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي ويندي، مطالبن جي منظوري تائين روزانو اسپتالن جي او پي ڊيز جي بائيڪاٽ وارو احتجاج 5 نومبر تائين واپس وٺي ڇڏيو آهي هاڻي رڳو 2 ڪلاڪن تائين روزانو ٽوڪن هڙتال ڪئي ويندي، هن چيو ته اڄ کان پوليو مهم ۾ به صحت ورڪرز پاران حصو ورتو ويندو. هوڏانهن سکر، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، خيرپور، گاڙهو، دادو، گهوڙا ٻاري، هالا، ٽنڊو باگو، پيارو اسٽيشن، پنگريو، نئون دمبالو، ٺل، نئون ديرو، ڳڙهي خيرو، لاڙڪاڻو، قمبر، شڪارپور، گهارو، مدئجي، همايون شريف، سلطان ڪوٽ ۽ جاڳڻ، ميروخان، بدين، ڄام صاحب، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو، ٽنڊو آدم، ڏيئي، ميرپور ساڪرو، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، رتوديرو، وارث ڏنو ماڇي، نصيرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ صحت کاتي جي ملازمن پاران اسپتالن ۾ او پي ڊيز ۽ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ڏورانهن علائقن کان پهتل مريضن پريشانين کي منهن ڏنو.