ڪراچي (م ڊ)2022 ع جي ٻي جزوي سج گرهڻ پاڪستان سميت دنيا جي مختلف حصن ۾ اڄ ڏٺي ويندي. جزوي سج گرهڻ يورپ، اتر آفريقا، وچ اوڀر ۽ ايشيا جي مختلف حصن ۾ ڏسي سگهبي، اها 25 آڪٽوبر تي ٿيندي. دنيا جي مختلف حصن ۾ سج گرهڻ جي شروعات پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ لڳي 58 منٽن کان ٿيندي، 4 وڳي عروج تي پهچڻ کانپوءِ شام 6 لڳي 2 منٽن تي پڄاڻي تي پهچندي. پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ سج گرهڻ جي شروعات جي وقت ۾ ڪجهه فرق آهي. موسميات کاتي موجب اسلام آباد ۾ سج گرهن جي شروعات 3 لڳي 43 منٽن تي ٿيندي، 4 لڳي 50 منٽن تي عروج تي هوندي ۽ 5 لڳي 22 منٽن تي پڄاڻي تي پهچندي. اهڙي ريت لاهور ۾ 3 لڳي 49 منٽن تي شروعات، 4 لڳي 54 منٽن تي عروج ۽ 5 لڳي 20 منٽن تي ختم ٿيندي. ڪراچي ۾ سج گرهن 3 لڳي 57 منٽن تي شروع، 5 لڳي هڪ منٽ تي عروج ۽ 5 لڳي 56 منٽن تي پڄاڻي تي پهچندي. پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ترتيب وار 3 لڳي 44 منٽن تي سج گرهڻ تي شروعات ٿيندي، جڏهن ته پشاور ۾ ان جي پڄاڻي 5 لڳي 28 منٽن تي ۽ ڪوئيٽا ۾ 5 لڳي 51 منٽن تي ٿيندي.