ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار طرفان برسات متاثرن جي مدد لاءِ قائم ڪيل رليف فنڊ ۾ سرڪاري ملازمن جون زبردستي پگهارون ڪاٽڻ خلاف سنڌ ڊاڪٽرز اتحاد طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته موجوده برساتن ۽ ٻوڏ ۾ متاثر ٿيندڙن ۾ سرڪاري ملازم پاڻ ۽ سندن ويجها مائٽ به شامل آهن، جن جي ڪفالت ۽ امداد جي ذميواري انهن تي لاڳو ٿئي ٿي، سرڪار پاران  سندن پگهارن ۾ ڪٽوتي  ڪرڻ سبب اسان جي مهيني جي بجيٽ خساري جو شڪار ٿي چڪي آهي، اسان کي  پنهنجن پيارن جي مدد ڪرڻ ۾ به ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. درخواست ۾ چيو  ويو آهي ته سڄي دنيا ۽ پاڪستان جي شهرين ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ مدد لاءِ وڏي رقم فنڊ ۾ جمع ڪرائي آهي، جنهن جي ايمانداري سان ورڇ  سان متاثرن جي وڏي مدد ڪري سگهي ٿي، اسان کي ڪٽيل پگهار موٽائي وڃي .