داد لغاري (رپورٽر) داد لغاريءَ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وصول ڪرڻ لاءِ آيل عورتون گرمي ۽ بدنظميءَ سبب وظيفي جي رقم حاصل ڪرڻ بغير واپس موٽي ويون. جڏھن ته گذريل ڏينهن سينٽر تي پئسا وصول ڪرڻ لاءِ آيل ڳوٺ صديق لغاريءَ جي رھواسي عورت مائي ڪلثوم گرميءَ سبب بيھوش ٿي پَٽ تي ڪِري پئي. ڏيڍ ڪلاڪ بعد کيس ھوش ۾ آندو ويو. مستحق عورتن دانهيندي ٻڌايو ته جڏهن ته ڊيوائس ھولڊرز جي هڪ هٽي ۽ پنهنجانوازي سبب چند عورتن کي پئسا ڏئي روانو ڪيو وڃي ٿو، باقي اڪثر عورتون سڄو ڏينھن انتظار ڪرڻ بعد خالي ھٿين موٽي وڃن ٿيون.