ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر305 رپين تي پهچي نئين تاريخ جوڙي ڇڏي: سون به 2000 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2000 رپين جي اضافي سان 235000 مان 237000 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 5 ڊالرن جي لاٿ سان 1972 ڊالر في آئونس ٿي ويو، هوڏانهن چاندي 20 رپيا لاٿ سان 2900 مان 2880 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾5 رپيا اضافي سان 300 مان 305 ۽ انٽر بينڪ ۾ 74 پئسا واڌ سان 286.56 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن پائونڊ 7 رپيا واڌ سان 369 مان 376 رپين تي پهتو، جڏهن ته يورو 231 رپين تي برقرار رهيو.