عمران خان سان گڏ ڀِت جيان بيٺا آهيون ۽ بيٺا رهنداسين: چوڌري پرويز الاهي

0
285
عمران خان سان گڏ ڀِت جيان بيٺا آهيون
عمران خان سان گڏ ڀِت جيان بيٺا آهيون ۽ بيٺا رهنداسين: چوڌري پرويز الاهي

چوڌري وجاهت ننڍي ڀاءُ جيان آهي، هُن حالتون ڏسي پنهنجي لاءِ فيصلو ڪيو هوندو، آئون چوڌري وجاهت جي خلاف نه آهيان

گهروارن کي به سمجهائي رهيو آهيان ته سندس فيصلي تي رنج نه آهيون، چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته مونس ۽ آئون عمران خان سان گڏ ڀِت جيان بيٺا آهيون، اِن جو مطلب اهو ناهي ته عمران خان جي بيانيي جي به حمايت ڪريون ٿا

عمران خان اسان سان ڪيل واعدا پورا ڪيا آهن، هاڻي اسان جو به فرض آهي ته ڏکئي وقت ۾ سندس ساٿ ڏيون، فوج اسان جو پنهنجو ادارو آهي، سدائين ڪوشش رهي آهي ته فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا هجن