ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ هنجتل ۾ ڀوپي هٿان شادي شده ناري سان مبينا جنسي ڏاڍائيءَ جي ڪوشش، عورت تنگ ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي، بيھوشيءَ جي حالت ۾ ڇاڇرو تعلقي اسپتال آندو ويو. اسپتال عملي پوليس جي ليٽر بنا ابتدائي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته 2 ڏينهن اڳ ڀوپي شادي شده ناريءَ کي مبينا طور ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، جنهن بعد ناري تنگ ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي. ناري ڪيسري کي سندس زال مورڙو ڇاڇرو جي سرڪاري اسپتال کڻائي آيو، جتي ابتدائي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. ان حوالي سان ڇاڇرو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو ٽي ڏينهن پراڻو آهي. اسان کي ڪالھه اطلاع مليو. ڳوٺ وياسين پر ناريءَ جا وارث کيس کڻي حيدرآباد ويل هئا. ڳوٺاڻن چيو ته ڀوپو رات جي وقت گهر آيو هو، اسان پاڻ ۾ رشتيدار آهيون، وڏيري جي چوڻ تي فيصلو ڪرڻ لاءِ معاملو برادري ۾ رکيو ويو آهي. هوڏانهن ڇاڇرو تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ممتاز علي راهمون ٻڌايو ته ناريءَ کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ کڻائي آيا هئا. سندن چوڻ هو ته سس ۽ نهن جي جڳهڙي سبب ناري زهريلي دوا پيتي آهي. جڏهن ته ڇاڇرو اسپتال جي ڊاڪٽرن ميڊيا کان معاملي کي لڪائيندي ناريءَ کي پوليس ليٽر کان سواءِ حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو.