اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران افضل ذاتي سببن ڪري عهدي تي ڪم جاري رکڻ کان معذرت ڪندي فوري طور تي ذميواري واپس وٺڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامران افضل ڪالهه اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي وفاقي سيڪريٽري انعام الله ڌاريجو کي لکت ۾ ليٽر اماڻيو آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته مون لاءِ ذاتي سببن ڪري چيف سيڪريٽري طور ذميواريون جاري رکڻ ممڪن ناهي رهيو، جنهن ڪري آئون درخواست ڪريان ٿو ته منهنجون خدمتون فوري طور تي واپس ورتيون وڃن، ذريعن مطابق اهڙو خط ملڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران افضل کي في الحال ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪامران افضل جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي مقرر ڪرڻ واري مامري تي عاشوري کانپوءِ غور ٿيڻ جو امڪان آهي.s