اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جي جائزي بابت اجلاس بعد جاري ٿيل پڌرائي ۾ وزيراعظم چيو آهي ته تاريخي برساتن قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف عوام ۽ خاص طور سرندي وارن کي اپيل آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن. وزير اعظم چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب غير معمولي تباهي آئي، سنڌ، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي غير مستحڪم معاشي حالتن باوجود ٻوڏ متاثرن لاءِ 5 ارب رپيا فوري جاري ڪيا آهن.