چيف اليڪشن ڪمشنر نواز ليگ جو ايجنٽ آهي: عمران خان

0
205

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي عهدي تي رهڻ جو ڪو حق ناهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ن ليگ جو ايجنٽ آهي

لاهور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سڀاڻي وڏي رات تي دعا گهرنداسين، شب دعا ۾ مولانا طارق جميل به شرڪت ڪندو، اسان پنهنجي ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ دعائون گهرنداسين، ڪارڪن عوام ۾ ملڪ جي حقيقي آزادي جو پيغام پهچائن، عمران خان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ن ليگ جو ايجنٽ آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي عهدي تي رهڻ جو ڪو به حق ناهي، کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، هو اڪيلو فيصلا ڪندو آهي ۽ هن جا سمورا فيصلا پي ٽي آءِ جي خلاف ٿيندا آهن

عمران خان چيو ته اسان چئون ٿا ته فارن فنڊنگ ڪيس تي ٽئين وڏين پارٽين جا گڏيل طور تي ڪيس هلن، ڇو هو ٻن پارٽين جو ڪيس نٿو ٻڌي، ڇو هو صرف پي ٽي آءِ کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريون ويٺو آهي، سازش ٺاهي وئي ته فارن فنڊنگ ۾ تحريڪ انصاف جي خلاف ڪوئي ثبوت ڳوليو وڃي، عمران خان چيو ته امپورٽڊ حڪومت هڪ سازش تحت ملڪ تي مسلط ڪئي وئي، هڪ سازش ٻاهران ڪئي وئي ۽ مير جعفر ۽ مير صادق کي هتي ملايو ويو آهي

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آمريڪا امپورٽڊ حڪومت کي ٽن مرحلن ذريعي ڪنٽرول ڪندو، پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ هي ملڪ کي غلام بڻائي ڇڏيندا، ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي جي ڪري توهان جو وزيراعظم کي هٽايو ويو آهي، هاڻي آمريڪا اسان کي چيري بلاسم جي ذريعي ڪنٽرول ڪندو، هن چيو ته جيڪي لوٽا سازش جو حصو بڻيا انهن کي سازش جي خبر نه هئي، جيڪي سازش جو حصو هئا ٿي سگهي ٿو انهن لوٽن کي نه ٻڌايو هجي، 20، 20، 25، 25، ڪروڙ روپيا وٺي انهن پنهنجي ضميرن جو سودو ڪيو، فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ نواز شريف سازش جو حصو هئا، الڪيشن ڪميشن ۽ عدليه هر روز ٻڌڻي ڪري انهن جي خلاف ايڪشن کڻن

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته گذريل 11 سالن ۾ سڀ کان گهٽ خسارو گذريل سال هو، آزاد پرڏيهي پاليسي سبب توهان جي وزيراعظم خلاف سازش ٿي

هن چيو ته آمريڪي انڊر اسٽيٽ سيڪريٽري آمريڪا ۾ اسان جي سفير سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته سڀاڻي عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي ويندي ۽ عمرن خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو، آمريڪي انڊر سيڪريٽري اسان جي سفير کي ڌمڪيون ڏنيون، پهرين سازش تيار ڪئي ويندي آهي پوءِ مداخلت ٿيندي آهي

هن وڌيڪ چيو ته مان اڄ توهان کي تياري ڪرائڻ لاءِ آيو آهيان،  مستقبل جو ايڪشن پلان ڏيڻ آيون آهيان، جڏهن ڪال ڏيان ته گهٽ ۾ گهٽ 20 لک ماڻهو اسلام آباد پهچن، عمران خان چيو ته 30 سال هي ملڪ ۾ حڪمراني ڪندا رهيا انهن تي هنن جي ئي دور ۾ ڪيسز ٺهيا،  جنرل مشرف جي ڏنل اين آر او سان مل ۾ ڦرلٽ ٿي، اين آر او سبب ملڪ جو قرض 4 ڀيرا وڌي ويو، اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هاڻي اين آر او 2 وٺڻ جو سوچي رهيا آهن، شهباز شريف تي 16 ارب رپين جو ڪيس آهي، هاڻي انهن جي سمورن وزيرن جا ڪيس ختم ٿيندا،  ڀيرو وري ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪندا، وري عدالت ننڍن چورن کي پڪڙيندي ۽ طاقتور ماڻهن لاءِ الڳ نظام هوندو

ھي به پڙھندا

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ٿيندو: چيف اليڪشن ڪمشنر