پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ٿيندو: چيف اليڪشن ڪمشنر

0
172
پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته سندس ادارو ڪنهن به قسم جو دٻاءُ وٺڻ لاءِ تيار ناهي، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ٿيندو

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور خان چيو ته پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ان وقت تائين نه ٿو هلي سگهي جيستائين باقي ڪيس هن جاءِ تي نه اچن

ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي مينڊيٽ جي خبر آهي، انور منصور صاحب، ڇا چاهيو ٿا ته پي ٽي آءِ جو ڪيس سمورين پارٽين سان گڏ ٻڌون؟ سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي برابري سان گڏ ٻنداسين

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته انور منصور صاحب هميشه توهان کي پنهنجي مرضي جي تاريخ ڏني هئي، هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جا پابند آهيون، هن اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻي کان ناهي روڪيو، اسان وٽ ٽن قسمن جا ڪيسز آهن

سڪندر سلطان راجا چيو ته 101 سياسي پارٽين جي جاچ ڪئي وئي، 17 اڪائونٽس ۾ تضاد هئا، اليڪشن ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجو تفصيلي موقف ڏيندو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي جاري رکندي

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪيس 8 سال پراڻو آهي، توهان جي قيادت ڪيس کي جلد حل ڪرڻ جو چيو آهي، هاءِ ڪورٽ جي حڪم کان اڳ به اسان ڪيس اڪلائڻ وارا هئاسين، ڪميشن پنهنجو طريقيڪار پاڻ ٺاهيندو آهي، توهان سمجهو ٿا ته ڪميشن تاريخون به ڪنهن ٻئي عدالت مان وٺي

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته توهان ڪيس عيد کانپوءِ هلايو، مون کي ثابت ڪرڻو آهي ته فنڊ ڏيندڙ پاڪستاني هئا، ثابت ڪرڻو آهي ته سموريون ڪمپنيون سنگل اونڊ ڪمپنيون آهن، منهنجا دليل ته هاڻي شروع ٿيا آهن، مون ملين ڊالر جو حساب ڏيڻو آهي

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جيڪڏهن اوهان جا دليل لاڳاپيل آهن ته ضرور 6 مهينن ۾ دليل ڏيو، جنهن تي انور منصور خان چيو ته ٻن هفتن کانپوءِ پنهنجا دليل مڪمل ڪندس، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن وڌيڪ ٻڌڻي 10 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

سڀاڻي تائين گورنر پاڻ يا نمائيندي ذريعي وزيراعليٰ پنجاب کان حلف وٺي: لاهور هاءِ ڪورٽ