اسلام آباد (م ڊ) مهانگائي سبب پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿي رهيو آهي ته حج ڪوٽا دستياب آهي پر حج ڪرڻ وارا کٽي پيا آهن، ڊالر جي اڻهوند ۽ مهانگائي سبب پاڪستانين جي لاءِ حج جي ادائگي به مشڪل ٿي وئي آهي، مذهبي معاملن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت استعمال نه ٿيڻ واري حج ڪوٽا سعودي عرب کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حج ڪوٽا واپسي جو حتمي فيصلو وفاقي ڪابينا ڪندي، ذريعن موجب مهانگي حج سبب ڪيترائي پاڪستاني درخواستون ناهن ڏئي سگهيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته درخواستن جي گهٽ وصولي تي سرڪاري حج ڪوٽا پرائيويٽ حج آپريٽرز کي ڏيڻ تي به غور ڪيو ويو هيو، جڏهن ته مسئلو اهو آهي ته پرائيويٽ حج آپريٽرز اضافي ڪوٽا ملڻ تي مارڪيٽ مان ڊالر وٺندا ۽ اوپن مارڪيٽ مان خريداري تي ڊالر جي غير ضروري طلب وڌي ويندي. ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان جو مطالبو رهيو آهي ته حج ڪوٽا هڪ لک 79 هزار 210 کان وڌائي 2 لک 10 هزار کان 20 هزار ڪئي وڃي،  پاڪستان کي ڪيترن ئي سالن بعد هڪ لک 79 هزار جي پوري حج ڪوٽا ملي هئي، جيڪا مڪمل استعمال نه ٿي سگهي، ذريعن موجب سرڪاري اسڪيم تحت 89 هزار 605 حج جي اميدوارن جي ڪوٽا مقرر ڪئي وئي، سرڪاري حج اسڪيم جي لاءِ ڪوٽا مان تقريبن 9 هزار گهٽ درخواستون مليون، سرڪاري ريگيولر اسڪيم تحت 72 هزار 869 ۽ اسپانسر شپ اسڪيم تحت درخواست گذارن جو انگ 8 هزار رهيو، سرڪاري ريگيولر اسڪيم تحت 44 هزار 190 جي ڪوٽا تي 28 هزار 679 اضافي درخواستون آيون، سرڪاري ريگيولر اسڪيم تحت اضافي درخواست گذارن کي بنا پُکن جي حج تي اماڻيو پيو وڃي، مذهبي معاملن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته سرڪاري اسڪيم جي لاءِ مجموعي طور تي 235 ملين ڊالر گهربل آهن، ڪجهه ڊالر اسپانسر شپ اسڪيم ۽ باقي حڪومت فراهم ڪري رهي آهي.