شڪارپور/مٺي (نمائندن وٽان) شڪارپور عدالت مان اڳوڻو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور بري، مٺي ۾ ڪيس داخل، ان ڏس ۾ شڪارپور جي فورٿ سول جج جي عدالت ۾ علي امين گنڊاپور کي پيش ڪيو ويو ٻڌڻي دوران دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، سول جج اعجاز احمد تنيو  جي عدالت پاران ھڪ ڪلاڪ بعد فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ  اڳواڻ علي امين گنڊا پور کي باعزت بري ڪري ڇڏي، ٻي طرف علي امين گنڊاپور جي وڪيل ٻڌايو ته اڳوڻي وفاقي وزير مٿان ملڪي ادارن خلاف غلط زبان استعمال ڪرڻ جو الزام هو جيڪو ڪيس جو فريادي هو اهو پاڻ 15 ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل آهي هن چيو ته مدعي پهرين حاضري تي به عدالت نه آيو هو ۽ اڄ ٻي ٻڌڻي هئي تڏهن به فريادي نه پهتو عدالت اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور مٿان لڳل الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندي کيس باعزت بري ڇڏيو عدالتي فيصلي بعد علي امين گنڊاپور کي سکر جيل اماڻي ڇڏيو جتان کيس آزادي جو ليٽر ڏنو ويندو، ٻي طرف   علي امين گنڊا پور خلاف مٺي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،ڪيس مٺي جي شهري پرديپ ميگھواڙ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،فريادي پرديپ ميگھواڙ ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پي ٽي آئي اڳواڻ علي امين گنڊا پور ٽوئيٽر تي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ ۽ ملڪي ادارن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،هڪ شهري جي حيثيت ۾ ادارن ۽ ملڪي سلامتي خلاف سازش تي ڏک پهتو.