ڪراچي  (م ڊ) سوئي ناردرن گيس ميٽر جو ماهوار ڪرايو 40 رپين مان وڌائي 500 رپيا ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ماهوار چارجز جنوري 2023 کان لاڳو ٿيندا. صارفين کي 3 مهينن جون رهتون ميٽر رينٽ ۽ گيس ٽيرف جي مد ۾ اضافي پئسا ڏيڻا پوندا.  سوئي ناردرن گيس جي ترجمان چيو آهي ته اهو اوگرا جو فيصلو آهي جيڪو لاڳو ڪيو ويو آهي. نومبر ڊسمبر ۾ 0.9 ڪيوبڪ بيڪٽر کان گهٽ گيس بل وارن تي ميٽر رينٽ لاڳو نه هوندو. ترجمان موجب گهٽ گيس استعمال ڪندڙ صارفين ميٽر رينٽ کان آجا هوندا. اوگرا گيس ٽيرف پاڪستان جي حڪومت کان منظوري کان پوءِ لاڳو ڪندو آهي.